اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي تيز رفتار اقتصادي ترقي جي لاءِ اعليٰ تعليم کي ا??تهائي ا??ميت ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته هو واضح قانونن کي لاڳو ڪرڻ، انهن جي سخت ۽ منصفاڻي لاڳو کي يقيني بڻائڻ سميت انصاف جي فراهمي ۽ خوداحتسابي کي فروغ ڏيڻ سان بدعنواني جي حوصلا شڪني ڪري سگهجي ٿي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار هتي ا??وان صدر ۾ انسٽيٽيوٽ آف ڪاسٽ اينڊ مئنيجمينٽ اڪ??ئو??ٽنٽس (آءِ سي ا??م اي) جي ميمبرن جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ آءِ سي ا??م اي پاڪستان جو صدر شهزاد احمد ملڪ ۽ اڪ??ئو??ٽنگ اينڊ مالياتي شعبي جي ميمبرن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. صدر پيشيواراڻي تعليم جي ا??ميت کي اجاگر ڪندي چيو ته ادارن کي مهارت تي ٻڌل ۽ پيشيواراڻي تعليم جي لاءِ موثر قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته گريجوئيٽس ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان کي تربيت يافته انساني وسيلن ۽ پيشيواراڻي مانهن جي ضرورت آهي، جن ۾ ڪاسٽ ۽ مئنيجمينٽ اڪ??ئو??ٽنٽس به شامل آهن. ڊاڪٽر عارف علوي ادارن تي زور ڏنو ته اهي يونيورسٽي مان فارغ ٿيندڙ شاگردن ۽ پيشيور ماڻهن جي ا??گ ۾ اضافو ڪن. هن چيو ته پيشيواراڻي ادارن کي وڌ کان وڌ گريجوئٽس پيدا ڪرڻ گهرجن. ڇو ته انڊسٽري ۽ مارڪيٽ ۾ هنرمند پيشيور ماڻهن جي ضرورت آهي. صدر پاڪستان ۾ ڪاسٽ اينڊ مئنيجمينٽ اڪ??ئو??ٽنٽس تيار ڪرڻ تي آءِ سي ا??م اي کي ساراهيندي چيو ته ڪرپشن ۽ ميرٽ جي پائمالي سان ادارن ۽ ملڪ ۾ ٻاڙائي پيدا ڪئي وئي. هن چيو ته بدعنواني ا??لهه ملڪن ۾ به آهي. ڪورونا وائرس جي وبا دوران هڪ اولهه ملڪ ۾ ماڻهن جعلي دستاويزن تي اجرت جي دعويٰ ڪئي. هن چيو ته مالياتي ڏوهن جو اصل سبب ڏوهارين سان اهلڪارن جي ملي ڀڳت آهي. هن ڪرپشن کي روڪڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته انصاف جي فراهمي ۽ خود احتسابي سان بدعنواني جي حوصلا شڪني جي راهه هموار ٿيندي. صدر مالياتي ۽ اڪ??ئو??ٽنگ جي شعبي سان واڳيل ماڻهن تي زور ڏنو ته اهي معيشت جي دستاويزن ۾ مدد فراهم ڪرڻ، چوري ۽ ٽيڪس کان بچڻ جي حوصلا شڪني، بدعنواني تي ضابطو آڻڻ ۽ حڪومت کي منصفاڻي ٽيڪس ۽ اوڳاڙيون پيدا ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪن. هن شاگردن کي مشورو ڏنو ته اهي پنهنجي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۽ ضرورتمند ماڻهن جي خدمت جو جذبو رکن. ان کان اڳ صدر فارغ ٿيندڙ شاگردن ۾ ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽس ورهايا.