اسلام آباد -21 نومبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ٽيليويزن جي اهميت جو عا??مي ڏينهن ملهايو ويو جنهن جو مقصد ماڻهن کي تفريح، تعليم، تربيت ۽ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيليويزن جي اهم??ت کي اجاگر ڪرڻ آهي. هن ڏينهن جي حوالي سان مختلف اليڪٽرانڪ ڪمپنين طرفان پروگرام ترتيب ڏنا ويا جنهن ?? ماڻهن کي ٽيليويزن جي اهميت ۽ فائدن کان آگاهه ڪيو ويو. گڏيل قومن جي انتظام هيٺ جنرل اسيمبلي ڊسمبر 1996ع ۾ هڪ ٺهراءُ منظور ڪيو هو جنهن مطابق سڄي دنيا ۾ هر سال 21 نومبر تي ٽيليويزن جو عا??مي ڏينهن ملهايو ويندو آهي.