اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عورتن تي هر قسم جو تش??د انساني حقن ۽ وقار جي خلاف ورزي آهي، ڪو به معاشرو ان وقت تائين مهذب ۽ جمهوري هجڻ جي دعويٰ نه ٿو ڪري سگهي جيستائين اهو عورتن تي تشدد جي منفي طرز عمل کي رد نه ٿو ڪري. عورتن تي تشدد جي خاتمي جي عالمي ڏها??ي جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته عورتن جي خلاف ڪنهن به شڪل ۾ تش??د انساني حقن ۽ وقار جي خلاف ورزي آهي، ڪو به معاشرو ان وقت تائين مهذب ۽ جمهوري نه ٿو ٿي سگهي جيستائين اهو عورتن تي تشدد جي منفي طرزعمل کي رد نه ٿو ڪري. وزيراعظم چيو ته اسان سڀ وچن ڪريون ٿا ته عورتن تي تشدد جي رواج کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين.