استنبول – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي واپا??ين تي زور ڏنو آهي ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ج?? موقعن مان ڀرپور فائدو کڻندي توانائي جي شعبي خا?? طور تي قابل تجديد ذريعن ۾ سيڙپڪاري ڪن، پاڪستان حڪومت انهن کي ان ڏس ۾ مڪمل تعاون فراهم ڪندي. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار استنبول ۾ ترڪيه جي ناليواري ڪاروباري شخصيتن سان نويڪلائي ۾ ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم سان ملاقات ۾ پاڪ ياتريم، انادولو گروپ، زورلو انرجي، البيرڪ ۽ گوريس هولڊنگز جي وفدن جي قيادت انهن ڪمپنين جي مالڪن ۽ سي اي اوز ڪئي. وزيراعظم پاڪستان جي معيشت جي ترقي ۾ ترڪيه جي پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ ڪاروباري ادارن جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم واپا??ين تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن. هن ترڪيه جي واپا??ين کي پاڪستان حڪومت جي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. ترڪ واپا??ين وزيراعظم جي ان قدم کي ساراهيو ۽ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ ??ڌا??ڻ ۾ پنهنجو ڪردار جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي.