اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي ل??ءِ موثر بحالي ۽ نئين سر تعمير جو فريم ورڪ (آر ايف 4) جاري ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال ملاقات ڪئي ۽ کيس آر ايف 4 رپورٽ جي ڪاپي پيش ڪئي. ملاقات ۾ منصوبابندي وارو سيڪريٽري سيد ظفر علي شاهه ۽ منصوبابندي واري وزارت جا ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته آر ايف 4 دستاويز تازي موسمياتي ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جو ايڪشن پلان آهي، هي دستاويز هن سال آڪٽوبر جي آخر ۾ شروع ڪيل ٻوڏ کانپوءِ نقصانن ۽ ضرورتن جي ڪاٿي (پي ڊي اين اي) رپورٽ جي اندازي موج?? نقصان تي ٻڌل آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته آر ايف 4 دستاويز ۾ مختصر، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري موثر موسمياتي حڪمت عملي شامل آهي. وزيراعظم ان اهم فريم ورڪ کي تيار ڪرڻ جي ل??ءِ سڄي پاڪستان جي ل??ءِ ٺوس موقف کي اختيار ڪرڻ تي منصوبابندي، ترقي ۽ خصوقي قدمن واري وزارت، ترقياتي حصيدارن، لاڳاپيل وزارتن، اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي حڪومتن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير ۽ سندس ٽيم کي انهن جي محنت تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته 9 جنوري 2023ع تي سوئيٽزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ ٿيندڙ ايندڙ ترقياتي ڪانفرنس ۾ ان فريم ورڪ کي موثر بڻائڻ جي ل??ءِ ضروري ڪوششون ڪيون وڃن. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته منصوبابندي واري وزارت پرڏيهي وزارت، موسمياتي تبديلي واري وزارت ۽ اقتصادي معاملن واري ڊويزن سان گڏجي دستاويز جي اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ سمورن ڌرين تائين موثر فراهمي جي ل??ءِ ضروري قدم ??ڻي.