اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري چي?? آهي ته پاڪستان جو واحد پرڏيهي ??زير آهيان جيڪو پنهنجي ??ڪي?? پاڻ خريد ڪريان ٿو ۽ هوٽل جو بل به پاڻ ئي ادا ڪريان ٿو. پريس ڪانفرنس دوران سوالن ج?? جواب ڏيندي هن چي?? ته آئون پنهنجي ٻاهرئين ملڪن جي خرچن جو بار قومي ناڻي تي نٿو وجهان. جيڪڏهن ائين ڪريان به ٿو ته بطور پرڏيهي ??زير منهنجو استحقاق آهي. پرڏيهي ??زير چي?? ته منهنجي ٻاهرئين ملڪ دورن جو فائدو منهنجي ذات کي نه پر پاڪستان جي عوام کي ٿيو آهي. سندس محنت جي ڪري پاڪستان فيٽف جي گري لسٽ مان ٻاهر نڪتو آهي. پرڏيهي ??زير چي?? ته سندس دورن جي ڪري پاڪستان کي معاشي فائدا حاصل ٿيا آهن. پاڪستان هن وقت جي 77 يعني پوري دنيا جي اسرندڙ ملڪن جي اتحاد جي قيادت ڪري رهيو آهي. هن چي?? ته اسان ڪوپ 27 ۾ تباهي جي ازالي کي ايجنڊا ۾ شامل ڪرايو جيڪا پاڪستان سميت سمورن اسرندڙ ملڪن جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي. هن چي?? ته توهان اسان جي جي 77 سڌارن جي دستاويز کي پڙهو. دنيا جي سمورن اسرندڙ ملڪن مطالبو ڪيو آهي ته عالمي فنانشل ادارا امير ملڪن بدران غ??يب ملڪن کي فائدو ڏين.