اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ناروي سان واپار، ڪاروبار، سيڙپڪاري، ماحول دوست توانائي، تعليم، هنرمند، دفاع ۽ روان??ي واپار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ?? ٻطرفي واپار کي روايتي ۽ غيرروايتي روان??ي واپار کي فروغ ڏئي ان ??و موجوده ڪاٿو 128.404 ملين ڊالر کان وڌائي سگهجي ٿو. ايوان ص??ر جي پريس ونگ پاران ??اري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ناروي جي لاءِ پاڪستان ??ي نامزد سفير سعديه الطاف قاضي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جنهن ايوان ص??ر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته نامزد سفير ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين سان فعال طور تي رابطو برقرار رکي ۽ ڪونسلر خدمتن فراهم ڪري. صدر چيو ته سفير ٻنهي ملڪن جي يونيورسٽين ۽ ادارن جي وچ ?? تعليمي، سائنسي، صنعتي تحقيق ۽ ترقي ۽ تعاون جي ميدان ۾ بامعنيٰ ۽ قابل عمل موقعا ڳولي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ناروي جي پينوراما حڪمت عملي 2021 – 2027ع تحت تعليمي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ ترجيحي ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستان کي شامل ڪرڻ جي لاءِ پڻ ڪوششون ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته نامزد سفير يورپين فري ٽريڊ ايسوسيئيشن سان واپاري معاهدي تي ڪم تيز ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ گڏيل منصوبن جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ?? رابطو پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري. صدر چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران مسلسل ڪيل ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته اقليتن سان ??متيازي سلوڪ، ڌمڪيون، هراسان ڪرڻ ۽ اقليتن کي پٺتي ڪرڻ جي وڌندڙ واقعن ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان کي پڻ اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڀارت اقليتن خاص طور تي مسلمانن جي جان ۽ مال کي شديد خطرن ۾وجهي رهيو آهي.