اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان پرامن پاڙيسريت تي يقين رکي ٿو ۽ خطي ۾ دهشتگردي جي چئلينج کي منهن ڏي?? ??ي لاءِ افغان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪ??دو. غيرملڪي نيوز چينل کي انٽرويو ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جي سول ۽ ملٽري قيادت فيصلو ڪيو آهي ته ملڪ جي خلاف ڪم ڪندڙن کي ب??داشت نه ڪيو ويندو، ان حوالي سان مڪمل اتفاق آهي ته جيڪو به دهشتگردي ۾ ملوث آهي ان سان ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ٻنهي کي دهشتگردي درپيش آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام دهشتگردي جو شڪار آهي جنهن کي وقت سر منهن ڏي?? جي ضرورت آهي. پرڏيهي وز??ر جو چوڻ هو ته پرامن افغانستان ??ي لاءِ عالمي ب??ادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اسان افغان عبوري حڪومت تي به زور ڏنو آهي ته اها عالمي ب??ادري سان ڪيل واعدا پورا ڪري. هن تازي ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ آزمائش جي گهڙيءَ ۾ پاڪستان سان تعاون ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي عالمي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا. بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي دوستن جا ٿورا مڃيا جن جنيوا ڊونرز ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعم??ر جي ڪوششن ۾ مدد جو اعلان ڪيو آهي.