اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽ?? جي ڪارڪردگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي کي فعال ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا هڪ هفت?? جي اندر پنهنجون سفارشون پيش ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽ?? جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. وزيراعظم اٿارٽ?? جي ڪارڪردگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ موجوده وسيلن جو وڌيڪ زيان ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي، باصلاحيت پاڪستاني نوجوان آءِ ٽ?? جي شعبي ۾ پنهنجو روزگار ڪمائي رهيا آهن، جڏهن ته لاڳاپيل اٿارٽي غيرفعال آهي. وزيراعظم اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي فعال ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي، جنهن جو سربراهه ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار هوندو، جڏهن ته انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير، قانون وارو وفاقي وزير، سيڙپڪاري وارو وفاقي وزير، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما، سينيٽر افنان الله ۽ سي ڊي اي جو چيئرمين ڪميٽي جا ميمبر هوندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪميٽي هڪ هفت?? جي اندر اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي کي فعال ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون سفارشون پيش ڪري. اٿارٽ?? جي بورڊ آف گورنرز کي به فوري طور تي فعال ڪيو وڃي. بورڊ آف گورنرز ۾ لاڳاپيل شعب?? جي ماهرن جي موجودگي يقيني بڻائين. وزيراعظم اٿارٽي ۾ پلاٽن ۾ سيڙپڪاري بدران ان جي اصل مقصد يعني ملڪ ۾ ٽيڪنالاج?? جي فروغ تي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽ?? جي سڌارن ۽ ان کي فعال ڪرڻ جي لاءِ قدمن ۾ وڌيڪ ڪنهن به قسم جي دير قبول نه ڪئي ويندي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) پنهنجي دور ۾ نوجوانن کي آءِ ٽي روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ هنر ڏيڻ جو بنياد رکيو. ڪورونا وائرس جي وبا دوران نوجوانن کي ڏنل ليپ ٽاپ سان لکين ماڻهن روزگار ڪمايو. اجلاس ۾ وفاقي وزير اسحاق ڊار، چوڌري سالڪ حسين، سيد امين الحق، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما، خصوصي مددگار جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جي حوالي سان بريفنگ ۾ ٻڌ??يو ويو ته اٿارٽي ۾ هن وق?? 400 ڪمپنيون رجسٽرڊ آهن، جن مان 63 س??ڪڙو پاڪستاني جڏهن ته باقي چين، آمريڪا، ترڪيه ۽ ٻين ملڪن سان تعلق رکن ٿيون. اجلاس کي اٿارٽي بور?? جي گورننس ۽ مسئلن بابت آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم اٿارٽي کي فعال ۽ م??ثر طريقي سان ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ قدمن کي ترجيحي بنيادن تي لاڳو ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.