ڪراچي – 17 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آرٽس، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي بابت وفاق?? اردو يونيورسٽي جي سينيٽ جي خالي جاين جي لاءِ ميمبرن جي نامزدگي ۾ غيرمعمولي دير تي ڪاوڙ جو ا??هار ڪندي اهم جاين ۽ فورمز تي نامزدگي ۽ مقرري جو عمل لاڳاپيل فورم جو مدو ختم ٿيڻ يا ميمبر جي رٽائرمينٽ کان اڳ شروع ڪرڻ تي زور ڏنو آهي ته جيئن اهم نوعيت جي ??مو??ن معاملن ۾ خلل ۽ دير نه ٿي سگهي. صدر اهڙن خيالن جو ا??هار گورنر هائوس ڪراچي ۾ منعقد آرٽس، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي بابت وفاق?? اردو يونيورسٽي جي سينيٽ جي ا??لا?? جي صدارت ڪندي ڪيو. هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر مختار احمد، وفاقيو ا??دو يونيورسٽي جي وقتي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ايم ضياءَ الدين، يونيورسٽي جي سينيٽ ميمبرن ۽ وفاقي تعليم ۽ پيسيواراڻي تربيت واري وزارت جي نمائندن ا??لا?? ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته وفاق?? اردو يونيورسٽي ڪراچي جو هڪ باوقار اعليٰ تعليمي ادارو آهي ۽ ان کي درپيش مختلف مسئلن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اداري جي انتظامي ۽ تعليمي ونگز جي بنا رڪاوٽ ڪارڪردگي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزارت کي وڌيڪ دير کانسواءِ نامزدگين جي عمل کي تيزي سان اڳتي وڌائڻ گهرجي. صدر ايڇ اي سي ڪميٽي جي رپورٽ جو پڻ نوٽيس ورتو جنهن ۾ تعليمي ۽ انتظامي عهديدارن جي چونڊ ۽ مقرري ۽ ٻين معاملن ۾ بي ضابطگين جي نشاندهي ڪئي وئي ۽ يونيورسٽي انتظاميا کي چيو ته اها تفصيلي رپورٽ پيش ڪري ۽ بي ضابطگين ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف ذميواري جو تعين ڪري. ايڇ اي اي چيئرمين ا??لا?? کي انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ ۽ يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ بي ضابطگين کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وفاق?? اردو يونيورسٽي جي سينيٽ ميمبرن اتفاق ڪيو ته سينيٽ ۽ اڪيڊمڪ ڪائونسل سميت ??مو??ن اهم فورمن کي وقت سر ۽ فوري فيصلا ڪرڻ جي لاءِ مڪمل طور تي فعال بڻايو وڃي.