اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيه جي علائقي آديامان ۾ زلزلي سان تمام گهڻي تباهي ٿي، زلزلي متاثرين جون دل ڏکوئيندڙ ڪهاڻيون ٻڌڻ هڪ انتهائي تڪليف ڏيندڙ تجربو هو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته زلزلي سان تمام گهڻي تباهي ڏسي سگهجي پئي. وزيراعظم چيو ته هن هڪ نوجوان سان ملاقات ڪئي جيڪو پنهنجي والدين ٻنهي (ماءُ ۽ پيءُ) کان محروم ٿي و??و. ??لله تعال??ٰ متاثرين کي ان مصيبت مان ڇوٽڪارو ڏي.