ڪراچي – 22 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان آمريڪا جي دوري دوران قومي مفاد ۾ پاڪستان جي بيانيي کي اجاگر ڪندو، اوورسيز پاڪستانين پاڪستان مخالف بيانيي کي رد ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان دشمنن جون سازشون دم ٽوڙي رهيون آهن، وزيراعظم ۽ آم??يڪ?? صدر جي ملاقات سان خطي ۾ مثبت اث?? رونم?? ٿيڻ وڃي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.