اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ِآهي ته پاڪستان سارڪ ملڪن سان ٻطرفي تعاون کي علائقائي خوشحالي جي لاءِ وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ نيپال بين الپارلياماني يونين، ايشيائي پارلياماني اسيمبلي ۽ ٻين اهم فورمن تي مثالي تعاون جو مظاهرو ڪيو آهي. ٻئي ملڪ انهن عالمي فورمن کي خطي جي بهتر مستقبل ۽ خوشحالي لاءِ استعمال ڪري سگهن ??ا. ??هڙن خيالن جو اظهار هن نيپال جي سفير تابش آدهيڪاري سان ڳال??ائ??ندي ڪيو، جنهن پارليامينٽ ??ائ??س ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، ??ن ملاقات دوران ٻطرفي ۽ پارلياماني لاڳاپن جي حوالي سان اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته پاڪستان سارڪ ملڪن سان ٻطرفي تعاون کي علائقائي خوشحالي لاءِ اهم سمجهندو آهي، ??اڪستان ۽ نيپال بين الپارلياماني يونين، ايشيائي پارلياماني اسيمبلي ۽ ٻين اهم فورمن تي مثالي تعاون جو مظاهرو ڪيو آهي، ??ن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني سطح تي رابطاڪاري، ڊگهي تعاون جي لاءِ اهم آهي، ??ئي ملڪ ان عالمي فورمن کي خطي جي بهتر مستقبل ۽ خوشحالي لاءِ استعمال ڪري سگهن ٿا، سينيٽ جي چيئرمين نيپالي سفير کي ڀارتي فوج هٿان والاريل ڪشمير ۾ جاري ظلمن ۽ ا??سا??ي حقن جي خلاف ورزين جي باري ۾ آگاهه ڪيو.