اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير حماد اظهر ??يو آهي ته معيشت کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن پر حڪومت پرعزم آهي، اسان معيشت کي ڏيوالپڻي کان بچائي استحڪام طرف آندو آهي ۽ حڪومتي قدمن سان ما??ياتي خسارو 13 سالن جي گهٽ ترين سطح تي پهچي ويو آهي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ سوا ارب رپين جو اضافو ٿيو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير حماد اظهر ??يو ته حڪومت ملڪي معيشت کي ڏيوالپڻي کان بچائي هاڻي استحڪام طرف آندو آهي، سڌارن جي نتيجي ۾ ما??ياتي خسارو 13 سالن جي گهٽ ترين سطح تي آهي.