اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي خاص مددگار ڊڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان لاهور واقعي تي 24 ڪلاڪ?? ۾ ??ميدارن جي تعين سان گڏوگڏ حقيقتن تي ٻڌل رپورٽ طلب ڪئي آهي، ڊاڪٽرن، پيراميڊيڪل اسٽاف، وڪيلن سميت ڪو به طاقتور ذميدا?? قرار ڏنو ويو ته ان جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، هو اي پي پي ايمپلائيز يونين (سي بي اي) طرفان پنهنجي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائي رهي هئي.