ڪوئيٽا – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان بلوچستان جي هر علائقي خاص طور تي ڏکڻ بلوچستان جي ترقي ۽ خوشح??لي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻينداسين، اسان جي حڪومت جي ا??لين ترجيح پوئتي پيل طبقن جي ڀلائي ۽ پوئتي پيل علائقن جي ترقي ۽ خوشح??لي آهي. هو هتي بلوچستان جي صوبائي ڪابينا جي ميمبرن سان ملاقات ۾ خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو، دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جلال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال خان ملاقات ۾ شريڪ هئا.