اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ڀارتي غير ??ان??ني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج طرفان جاري انساني حقن جي خلاف ورزين کي بي نقاب ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻاهرين سيڙپڪاري جي لاءِ آسٽريا ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن آسٽريا جي لاءِ نامزد سفير آفتاب احمد کوکر سان ڳالهائيندي ڪ??و جنهن پارليامينٽ هائوس ?? ساڻس ملاقات ڪئي.