اسلام آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سياسي بدمعاشن کي ملڪ جي تشخص کي بري طرح مجروح ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ نه ئي ان حوالي سان ڪنهن نرمي جو مظاهرو ڪيو و??ندو، هي اهي ماڻهو آهن ??ن س??اس?? کي ذاتي مفادن جو محور بڻائي ڇڏيو آهي، هاڻي ذاتي مفادن بدران قومي مفادن تي س??اس?? ٿيندي، پي ڊي ايم جي ليڊرن جو بيانيو ملڪ جي مفاد ۾ نه آهي، ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو ته نه رڳو ان کي شڪست ڏني پر ان جو ثبوت اڀي نندن جي شڪل ۾ پوري دنيا آڏو پيش ڪيو. پريس ڪانفرنس ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته جڏهن ڪنهن ملڪ کي عدم استحڪام جو شڪار ڪيو وڃي ٿو ته ان ملڪ جي معيشت، پرڏيهي لاڳاپ??، پاليسي ۽ دفاع کي ڪمزور بڻايو وڃي ٿو ۽ عوام ۾ نااميدي پکيڙي وڃي ٿي، موجوده حڪومت جڏهن ??ميواريون سنڀاليون ته ملڪي معيشت ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ويجهو هئي. وزيراعظم عمران خان ٻاهرئين ملڪن ۾ پنهنجي ساک ۽ دوست ملڪن جي تعاون سان ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچائي ورتو، جيڪڏهن ??دا نه ڪري اسان ڏيوالپڻو ٿي وڃون ها ته اسان جي ڪرنسي جي قدر ڪري پوي ها، وينزويلا وٽ تيل جي ذخيرن جو ڪاٿو سعودي عرب، ايران ۽ ڪئناڊا کان وڌيڪ آهي جڏهن ??ه ان جي باوجود ڪرنسي بي وقعت ٿيڻ سان اتي ماڻهو ٺيلهن ??ي پئسا کڻي خريداري ڪن ٿا، وزيراعظم عمران خان ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪيو، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي 20 ارب ڊالر کان گهٽ ڪري ان کي مثبت ڪيو و??و، قرضن جي نظام کي بهتر بڻايو و??و، معيشت جي ٻين رخن تي ڪم جاري آهي.