اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڻ سڌي ٽيڪس جو بار سڀ کان وڌيڪ غريب طبقن تي پوندو آهي، اڻ سڌي ٽيڪس جو بار گهٽ ڪرڻ تي خصو??ي ڌيان ڏنو وڃي، غريب ۽ وچولي طبقي کي رليف فراهم ??رڻ جي لاءِ معاشي ٽيم کائڻ پيئڻ جي درآمدي شين تي لاڳو ٽيڪسن ۾ به گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ تجويزون پيش ڪري. سومر ڏينهن اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي حڪومتي معاشي ٽيم جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ بنيادي ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ عام ماڻهن کي رليف فراهم ??رڻ جي حوالي سان امڪاني قدمن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اسد عمر، مخدوم خسرو بختيار، صلاحڪارن عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر عشرت حسين، ??سٽ??ٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود، نديم بابر، تابش گوهر ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.