اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) اطلاع??ت ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سان چين جي سفير نونگ رونگ ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻه طرفي تعاون سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات جي دوران چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 70 سال مڪمل ٿيڻ تي ٻنهي شخصيتن ۾ مبارڪباد جي مٽاسٽا ٿي، اطلاع??ت ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پاڪستان ۽ چين جا گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي س??ائين مشڪل وقتن ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيندو آهي، شاهراه قراقرم اسان جي مضبوط دوستاڻي لاڳاپن جو ثبوت آهي، پاڪستان جي عوام جي پاڪ چ??ن دوستي بابت بهترين خيال رکي ٿي ۽ ان دوستي کي اعليٰ سطح تي برقرار رکيو آهي.