اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو آهي ته پاڪستان ۽ سع??دي عرب جي وچ ۾ پراڻن ۽ مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏيل مفاد جي لاءِ وڌ??ڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌ??ڪ مستحڪم ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سع??دي سفير نواف بن سع??دال??ال??ي ۽ انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورستي اسلام آباد جي صدر ڊاڪٽر هٿل حمود العطيبي سان ملاقات دوران ڪيو. ڊاڪٽر هٿل حمود العطيبي گورننس ۽ تعليمي معيار ۾ بهتري جي لاءِ انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي جي نئين اسٽريٽجڪ پلان بابت صدر کي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته يونيورسٽي شاگردن کي فاصلاتي تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ نئون شعبو قائم ڪري رهي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته پاڪستان سع??دي عرب سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو، پاڪ – سع??دي عرب لاڳاپا گڏيل عقيدي ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن. هن ??يو ته پراڻن ۽ مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏيل مفاد جي لاءِ وڌ??ڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌ??ڪ مستحڪم ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، اعليٰ سطحي ٻطرفي مٽاسٽا ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻيندي. صدر ??يو ته مئي 2021ع ۾ وزيراعظم جي سع??دي عرب جي دوري، جولاءِ 2021ع ۾ سع??دي پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي دوري سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو. هن ??يو ته ايڇ اي سي جي نئين پاليسي يونيورسٽين ۾ منشيات جو استعمال روڪڻ، شاگردن کي صحتمند ۽ فعال ماحول فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي، خاص طور تي شاگردن کي سمورن اداراجاتي چارجز بشمول ٽيوشن فيس، هاسٽل فيس ۽ يوٽيلٽي بلز جي مد ۾ ڇوٽ ڏني ويندي.