اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان کي ٻڌايو ويو آهي ته ٽيڪسلا ۾ ليبر ڪمپليڪس جي 500 فليٽس جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي جنهن ۾ 70 فليٽ آرڊيننس فيڪٽري واهه جي شهيدن جي لا??ِ رکيا ويا آهن. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمر??ن خان سان هوابازي واري وفا??ي وزير غلام سرور خان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هوائي اڏن جي آئوٽ سورسنگ ۽ سول ايوي ايشن اٿارٽي جي آپريشن ۽ ريگيوليٽري ڪردار کي جدا ڪرڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. هوابازي واري وفا??ي وزير غلام سرور خان وزيراعظم کي ٻڌايو ته ٽيڪسلا ۾ ليبر ڪمپليڪس جي 500 فليٽس جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي جنهن ۾ 70 فليٽس آرڊيننس فيڪٽري واهه جي شهيدن جي لا??ِ رکيا ويا آهن، انهن فليٽس جي قرعه اندازي جلد عمل ۾ آندي ويندي.