لاهور – 25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گورنر هائوس لاهور ۾ پنجاب جي چيف سيڪريٽري جواد رفيق ملڪ ۽ پنجاب جي آءِ جي انعام غني ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار به موجود هو. ملاقات ۾ صوب?? ۾ ??من امان جي مجموعي صورتحال کانسواءِ قبضا مافيا خل??ف ڪارروائي، مهانگائي ۽ ذخيره اندوزي جي روڪٿام لاءِ انتظاميا جي قدمن تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي. سڄي صوب?? ۾ ??ورتن جي تحفظ لاءِ کنيل قدمن تي به بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم اهڙن واقعن کي روڪڻ ۽ عورتن جي تحفظ لاءِ ف??ري ۽ سخت قدمن جي هدايت ڪئي، وزيراعظم چيو ته جوابدارن جي خلاف ف??ري ڪارروائي ڪري سخت کان سخت سزا يقيني بڻائي وڃي. وزيرعظم عمران خان شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي.