اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته افغانستان کي ??نساني ۽ معاشي امداد جي سخت ضرورت آهي، ڊگهي جنگ افغان عوام جي مشڪلاتن ۾ اضافو ڪيو آهي، عالمي برادري کي ??فغانستان کي ??ڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي ۽ ان جي ماڻهن کي معاشي ۽ انساني امداد جاري رکڻ گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر فلپو گرانڊي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر جي آجيان ڪندي صدر چيو ته پاڪستان افغانستان جي امن ۽ نئين سر تعمير جي فرو?? ۾ ??هم ڪردار ادا ڪيو آهي، هن چيو ته پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جنهن گذريل چئن ڏهاڪن کان 35 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان افغان پناهگيرن کي ??حت ۽ تعليم جي سهولتن تائين پهچ سان گڏوگڏ کين بئنڪ اڪائونٽ کولن ۽ واپاري سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي سهولت فر??هم ڪئي آهي، هن چيو ته دنيا کي ??فغانستان ۾ امن جي فروغ ۽ گذريل 40 سالن کان لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني ۾ پاڪستان جي ڪردار جو اعتراف ڪرڻ جي ضرورت آهي، صدر فلپو گرائنڊي کي ??فغانستان جي ماڻهن لاءِ پاڪستان پاران فر??هم ڪيل تازي انساني امداد ۽ طبي رسد جي باري ۾ آگاهه ڪيو.هن افغانستان مان عالمي ادارن ۽ سفارتي م??نن جي ميمبرن جي واپسي ۾ پاڪستان جي ڪوششن تي به روشني وڌي، گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني ۽ افغانستان ۾ انساني امداد موڪلڻ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ??اراهيو.