اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار ۽ پاڻي جي تحفظ لاءِ منصوبن تي وقت سر عملدرآمد لاءِ واپ??ا جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.
وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان واپ??ا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل حسين ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم کي واپ??ا جي نگراني هيٺ ڀاشا ۽ مهمند ڊيمن سميت مختلف منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار ۽ پاڻي جي تحفظ جي منصوبن تي وقت سر عملدرآمد کي يق??ني بڻائڻ لاءِ واپ??ا جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.