اسلام آباد -31 آڪٽوبر (اي پي پي) حڪومت ۽ تحريڪ لبيڪ وچ ۾ اتفاق راءِ سان مع??هدو طئي ٿيو آهي جنهن جا مثبت نتيجا ايندڙ هفتي تائين سامهون اچي ويندا. حڪومت ان حوالي سان ٽه رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. جڏهن ته پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي ۽ مفتي منيب الرحمان چيو آهي ته مع??هدي ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ مخلص??ڻي جدوجهد ڪئي ۽ سمورن شرڪتدارن ان حوالي سان بهتري ڪردار ادا ??يو. ڳالهيون جبر ۽ ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ نه پر سنجيده ۽ آزاد??ڻي ماحول ۾ ٿيون. ڏڦيڙ ۾ پاڪستان جو فائدو ناهي، انهن قوتن جو فائدو آهي جيڪي ملڪ ۾ افراتفري پکيڙڻ چاهين ٿا، عالمن سڳورن فهم ۽فراصت کان ڪم وٺي ملڪ کي بحران کان بچايو. قومي سلامتي جي اجلاس م ڳالهين کي ترجيح ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو. پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي ۽ مفتي منيب الرحمان، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، پارلياماني مع??ملن بابت مملڪتي وزير علي محمد خان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سمورن عالمن سڳورن ۽ اڪابرن جو دل جي گهرائين سان شڪريو ادا ڪيان ٿو جن ملڪ کي ڏڦيڙ کان بچايو. پرڏيهي وزير چيو ته هو جڏهن تهران مان هتي پهتو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس م ڊگهي مشاورت کان پوءِ فيصلو ڪيو ويو ته اسان ڳالهين کي ترجيح ڏينداسين، مسئلي کي طاقت سان نه بلڪه مصلحت سان حل ڪرڻو آهي. هن چيو ته ان عرصي دوران ملڪيتن کي نقصان، ماڻهن کي اسپتال پهچائڻ ۾ رڪاوٽون، ٻارن کي اسڪول وڃڻ ۾ ڏکيائيون، مع??شي نقصان جا خدشا سامهون هئا، جڏهن ته حڪومت ۽ تحريڪ لبيڪ ان سموري صورتحال کي سامهون رکندي هڪ پرامن ۽ بهتري جو رستو اختيار ڪيو ۽ سمورن اهل سنت جي قائدن ۽ تحريڪ لبيڪ جي قيادت جو شڪريو ادا ڪيان ٿو جن هن نيڪي جي ڪم ۾ حصو ورتو. پرڏيهي وزير چيو ته هن نيڪ ڪم ۾ جن عالم سڳورن حصو ورتو انهن ۾ مفتي منيب الرحمان، مولانا بشير فاروق قادري، ثروت اعجاز قادري، صاحبزاده حامد رضا ۽سڄي ملڪ جي ٻين عالمن ۽ مشائخن شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته ملڪ ۽ ملت جي مفاد کي سامهون رکندي چيو ويو ته ڏڦيڙ ۾ پاڪستان جو فائدو ناهي، بلڪه انهن قوتن جو فائدو آهي جيڪي پاڪستان ۾ افراتفري پکيڙڻ چاهين ٿيون. اسان کي الله تعاليٰ سرخرو ڪيو، پوري قوم کي مبارڪباد ڏيان ٿو. ان موقعي تي خطاب ڪندي مفتي منيب الرحمان چيو ته هو ميڊيا جو شڪر گذار آهي جنهن هن نيڪ ڪم کي هٿي ڏيارڻ لاءِ سڄي قوم ۽ مع??ملن کي مثبت رنگ ڏنو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان طرفان انتهائي سنجيده ٽن ماڻهن تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. ڪميٽي ۾ حڪومت طرفان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر ۽ پارلياماني مع??ملن جو مملڪتي وزير علي محمد خان جڏهن ته تحريڪ لبيڪ طرفان مفتي عمير، علامه غلام عباس ۽ حافظ حفيظ شامل آهن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جو شڪر گذار آهيان جنهن هن کي اختيار ۽ ڪميٽي تي اعتماد ??يو. هن سنجيده مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ تعميري ڪردار ادا ??يو. اهڙي طرح تحريڪ لبيڪ طرفان ڪميٽي کي حافظ سعد حسين رضوي جي حمايت حاصل آهي. هن چيو ته قوم کي گذارش ڪيان ٿو ته هو پاڪستان، اسلام ۽ حب الوطني کي نظر ۾ رکندي انساني جانين جي تحفظ کي يقيني بڻائي، هن چيو ته ڳالهين ۾ ڇڪتاڻ وارو ماحول نه سنجيده، ذميوار??ڻي ۽ آزاد??ڻي ماحول ۾ ٿيون، ڇڪتاڻ واري فضا ۾ جذبات کي قابو ۾ رکڻ سٺو سنئوڻ آهي، سمورين ڌرين جوش بدران هوش کان ڪم ورتو ۽ حڪمت ۽ بصيرت جو مظاهرو ??يو. مفتي منيب الرحمان چيو ته حڪومت ۽ تحريڪ لبيڪ وچ ۾ تفصيلي ڳالهين کان پوءِ مع??هدو طئي ٿي چڪو آهي، مع??هدي جا تفصيل مناسب وقت تي سامهون آندا ويندا، ڌرين وچ ۾ مع??هدو ملڪ جي بهترين مفاد ۾ ڪيو ويو ته جيئن ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه اچي. هن چيو ته ڇڪتاڻ واري فضا ۾ جوش کان هوش جو غالب ٿيڻ سٺو سنئوڻ آهي. هن چيو ته 12 کان 15 ڪلاڪن جي لڳاتار ڪوششن سبب ڳالهيون ڪامياب ٿيون. ڳالهين لاءِ اسان محنت ڪئي، ايندڙ هفتي مع??هدي جا مثبت نتيجا سامهون ايندا. مع??هدي جي نتيجي ۾ هڪ اسٽيئرنگ ڪميٽي ٺاهي آهي، جنهن جي سربراهي مملڪتي وزير علي محمد خان ڪندو. ڪميٽي اڄ کان ڪم شروع ڪندي. هن چيو ته مع??هدو آزاد??ڻي ۽ ذميوار??ڻي ماحول ۾ ٿيو آهي. هن ميڊيا کي گذارش ڪئي ته هو ملڪ ۽ ملت خاطر مثبت پهلوئن کي سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪري.