اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسلام امن، ڀائيچاري ۽ رواداري جو درس ڏي ٿو، بين ??لمذاهب هم آهنگي لاءِ اسان کي حضور اڪرم ﷺ جي تعليمات تي عمل ڪرڻ گهرجي، قائداعظم محمد علي جناح مذهبي هم آهنگي جو زبرست قائل هو ۽ قيام پاڪستان کانپوءِ به هن ملڪ ۾ مسلمانن ۽ ٻين مذهبن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ کين ??رابر جا حق ڏيڻ جو پرچار ڪيو. صدر مملڪت اهڙن خيالن جو اظهار هڪ ڏينهن واري بين ??لاقوامي بين ??لمذاهب امن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس جو اهتمام بين ??لمذاهب ڪائونسل براءِ امن ۽ يڪجهتي پاڪستان مذهبي معاملن واري وزارت جي سهڪار سان ڪيو ??و. ??انفرنس کي پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله ايا??، مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا سيد عبدالخبير آزاد، يورپي يونين ??ي سفير اندرولا ڪيمونارا ۽ ٻين ??خصيتن خطاب ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته دنيا جا سمورا مذهب ماڻهن جي وچ ۾ امن ۽ مذهبي هم آهنگي جو درس ڏين ٿا، حضور اڪرم ﷺ جو طريقيڪار اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي جنهن کي خلفائي راشدين ??ه جاري رکيو، صدر چيو ته اسلام مذهبي منافرت کان سخت خلاف آهي، ڀارت ۾ مسلمانن جي تاريخ کي مسخ ڪري انهن جي خلاف ظلم ۽ تشدد ٿي رهيو آهي ۽ مسلمانن جي خلاف قانون ٺاهيا پيا وڃن، هن چيو ته پاڪستان مذهبي هم آهنگي لاءِ ڪرتار پور راهداري کي کوليو آهي، صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بين ??لمذاهب هم آهنگي ڪانفرنس کي خطاب ساڻس لاءِ اعزاز آهي، هن چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا سيد عبدالخبير آزاد ۽ سندس ساٿين کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته سندس والد مرحوم عبدالڪبير آزاد جو بين ??لمذاهب هم آهنگي ۾ ڀرپور ڪردار رهيو آهي ۽ هن مختلف مذهبن ۽ مڪتب فڪر جي ماڻهن کي جو??ڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، صدر چيو ته دنيا کي سٺي قيادت جي ضرورت آهي، مذهب، رنگ ۽ نسل جي بنياد تي منافرت جي پويان استحصال جو نظريو ڪارفرما آهي، انساني استحصال بند ٿيڻ گهرجي. ڪانفرنس ۾ مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ مذهبي اڳواڻن، مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ديني شخصيتن، اسڪالرن ۽ ٻين نمائنده ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مملڪتي وزير علي محمد خان ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته مساوات ۽ بين ??لمذاهب هم آهنگي تي يقين ??کون ٿا، پاڪستان ۾ اقليتن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، حڪومت ملڪ ۾ بين ??لمذاهب هم آهنگي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، هن چيو ته صدر ۽ وزيراعظم جو ان سلسلي ۾ قائداڻو ڪردار آهي، قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان ۾ مذهبي آزادي جو حامي هو ۽ وزيراعظم عمران خان رحمت اللعالمين ﷺ اٿارٽي جو قيام عمل ۾ آندو آهي جيڪو هڪ بهترين قدم آهي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته 1973ع جي آئين ??حت پاڪستان جي سمورن شهرين کي برابر جا حق حاصل آهن. هن چيو ته اسلامي روايتون سدائين ??ين ??لمذاهب هم آهنگي کي فروغ ڏنو آهي. يورپي يونين ??ي سفير اينڊرو لاڪامينارا پنهنجي خطاب ۾ چيو ته دنيا ۾ امن جي فروغ لاءِ بين ??لمذاهب هم آهنگي ۽ مڪالمه ضروري آهي، هن چيو ته بين ??لمذاهب هم آهنگي هڪ جهد مسلسل آهي ۽ هر ڪنهن کي مذهبي آزادي جو حق حاصل آهي. ان کان اڳ صدر بين ??لمذاهب هم آهنگي جي فروغ لاءِ نمايان خ??مت?? تي مختلف شخصيتن ۾ ايوارڊ ورهايا، ڪانفرنس ۾ مڪه، ميڊرڊ، يورپي يونين، پاڪستان، ابوظهبي ۽ مراڪش پڌرنامي جي روشني ۾ هڪ گڏيل پڌرنامو تيار ڪيو ويو جنهن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن متفقه طور تي حمايت ڪئي.