اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته موج??ده سياحتي ماڳن کان سياحن جي رش منتقل ڪرڻ لاءِ نوان سياحتي ماڳ بڻايا وڃن، پاڪستان قدرتي حسن سان مالا مال آهي ۽ اسا?? کي انفراسٽرڪچ?? ۽ ??هائش سميت سياحتي سهولت?? کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم وزيراعظم جي سياحتي رابطن واري خاص مددگار اعظم جميل ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ سياحتي شعبي جي فروغ بابت لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ان موقعي تي هدايت ڪئي ته موج??ده مصروف سياحتي ماڳن کان سياحن جي رش گهٽ ڪرڻ لاءِ ملڪ جي ناردرن ايرياز ۾ خاص طور تي سردي جي موسم ۾ متبادل سياحتي ماڳ بڻايا وڃن، هن چيو ته پاڪستان قدرتي حسن سان مالا مال آهي ۽ اسا?? کي پنهنجي انفرااسٽرڪچر ۽ هائوسنگ سميت سياحتي سهولت?? کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، هن هدايت ڪئي ته گورنر هائوس نٿيا گلي کي بحال ڪري رياستي مهمانن جي لاءِ خاص طور تي اهم سياحتي مرڪز طور تي ڊولپ ڪيو وڃي، هن هدايت ڪئي ته نجي شعبو خدمتون به ملڪ جي سياحت جي فروغ جي لاءِ حاصل ڪيون وڃن.