اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن (بي ايم جي ايف) جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس کي پاڪستاني عوام جي لاءِ خدمتن خاص طور تي پوليو جي خاتمي لاءِ ڪوششن جي اعتراف ۾ هلال پاڪستان ايوارڊ سان نوازيو. ايوان صدر ۾ ان حوالي سان خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف ع??وي?? اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سميت وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ??هي آهي ۽ مختلف طريقن سان مالياتي نظام ۾ تعاون فراهم ڪري ??هي آهي. بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن (بي ايم جي ايف) جو شريڪ چيئرمين بل گيٽس وزيراعظم عمران خان جي دعوت ??ي پاڪستان جو دورو ڪري ??هيو آهي.