اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وز??ر فرخ حب??ب ڪوهلو جي علائقي ۾ دهشتگردن جي خلاف آپريشن ۾ ڪيپٽن حيدر عباس جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي. مملڪتي وزير چيو ته ملڪ جي دفاع لاءِ جانين جا نذرانا ڏيندڙ آفيسر ۽ جوان اسان جا هيروز آهن، شه??دن جو رت رائيگان نه ويندو. مملڪتي وز??ر فرخ حب??ب چيو ته ڪيپٽن حيدر عباس پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪند?? دهشتگردن کي دوزخ پهچائي ڇڏيو.