لاهور – پهرين مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخالف ڌر لانگ مارچ جي نالي تي بيچين ٿي رهي آهي، پيپلزپارٽي جي لانگ مارچ کي ڪي?? پڇڻ وا??و نه آهي، بلاول ڪڏهن سياست ناهي ڪئي، کيس شين جو اندازو نه آهي، مريم ڪالهه زرداري صاحب کي جيڪو چيو اهو ان ??ي دل جو آواز آهي، پنهنجي اتحادين سان ??ابطي ۾ آهيون، تحريڪ انصاف سياسي پارٽي آهي، ماڻهن کي مشڪل ۾ نه ٿا ڇڏي سگهون، تحريڪ انصاف کي ورثي ۾ تباهه حال معيشت ملي، حڪومت معيشت کي صحيح ٽريڪ تي گامزن ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم عمران ??ان پيٽرول، ڊيزل ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو جنهن سان ??نعتن کي فروغ ملندو ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف کي ورثي ۾ تباهه حال معيشت ملي جنهن جي ڪري ٻاهرئين قرضن ۾ اضافو ٿي رهيو هو، حڪومت جي پهرين ڪوشش ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان ??چائڻ هو، حڪومت معيشت کي صحيح ٽريڪ تي گامزن ڪري ڇڏيو آهي، حڪومتي پاليسين جي ڪري روانگي واپار ۾ رڪارڊ اضافو ٿي رهيو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان ڪورونا وا??رس جي وبا جو بهترين حڪمت عملي سان مقابلو ڪيو، عالمي اد??را ان ??لسلي ۾ پاڪستان ??ي ڪوششن کي ساراهي رهيا آهن، اوورسيز پاڪستانين مٽاسٽا جي ناڻي سان ملڪ جي ڀرپور مدد ڪئي. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته عالمي سطح تي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو جنهن جي ڪري اسان کي به قيمتون وڌائڻيون پيون. وزيراعظم عمران ??ان پيٽرول، ڊيزل ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائين جو وڏو اعلان ڪيو جنهن سان ??نعتن کي فروغ ملندو ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته اسان ٽيڪسٽائيل انڊسٽري کي بحال ڪيو جنهن سان ??وانگي واپار ۾ رڪارڊ اضافو ٿي رهيو آهي، ڪڻڪ، چڻا، چانور جي رڪارڊ پيداوار ٿي، وزيراعظم عمران ??ان کي عام ماڻهو جي تڪليف جو احساس آهي، عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. چوڌري فواد حسين چيو ته عام ماڻهو کي اڳ ۾ صحت ڪارڊ ڏنو، ڪالهه وزيراعظم وڏي پئڪيج جو اعلان ڪيو، نوجوانن کي ڪاروبار جي لاءِ قرض ڏيڻ سان گڏوگڏ نوجوان گريجوئيٽس کي 30 هزار رپيا انٽرن شپ ڏئي رهيا آهيون، احساس پروگرام سان ??ام ماڻهو کي فائدو ٿي رهيو آهي، اڳ ۾ غريب ماڻهو هاڻي مڊل ڪلاس جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، راشن ڪارڊ تي اٽو، کنڊ ۽ گيهه 30 سيڪڙو سبسڊي تي ملي رهيا آهن. هن چيو ته مخالف ڌر لانگ مارچ جي نالي تي بيچين ٿي رهي آهي، پيپلزپارٽي جي لانگ مارچ کي ڪي?? پڇڻ وا??و نه آهي، بلاول ڪڏهن سياست ناهي ڪئي، کيس شين جو اندازو نه آهي، مريم نواز ڪالهه زرداري صاحب کي جيڪو چيو اهو ان ??و آواز آهي، حمزه شهباز ايندڙ چونڊن ۾ (ن) ليگ جي ٽڪيٽ وٺندو، اها ڪنهن کي خبر نه آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان پنهنجي اتحادين سان ??ابطي ۾ آهيون. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف سياسي پارٽي آهي، ماڻهن کي مشڪل ۾ نه ٿا ڇڏي سگهون، حڪومت کي ڪو خطرو نه آهي، حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي ۽ ايندڙ حڪومت به پاڪستان ??حريڪ انصاف جي هوندي. وفاقي وزير چيو ته اڪانومسٽ موجب پاڪستان ڪورونا وا??رس جي وبا جي مقابلي ۾ دنيا جي ٽاپ 3 ملڪن ۾ رهيو، عالمي مهانگائي، افغان مسئلي جي باوج??د اسان ??ي صحيح قدمن سان ڪنسٽرڪشن، ٽيڪسٽائيل انڊسٽري بحال ٿي، روانگي واپار، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ٿيو، تنهن ڪري اڄ انهي جي ڪري اسان ??وام کي ايترو وڏو ريليف ڏيڻ جي پوزيشن ۾ آهيون.