اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ز??داري چيو آهي ته پاڪستان کي مستقبل ۾ اعليٰ مقام ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ملڪ جي پرڏيهي پاليسي جيو پوليٽيڪل اثرن کان سڌو سنئون متاثر ٿي رهي آهي، ان صورتحال ۾ اسان کي پنهنجي ??اگرافيائي مقام کي استعما?? ڪري بهترين موقعا ڳولڻا پوندا، پاڪستان اهڙي خطي ۾ آهي جتي دنيا ۾ ٿيندڙ تبدليون سڌيون اثرانداز ٿينديون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز جي 49 هين يوم تاسيس جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي قوم طور پاڪستان کي بهترين پوزيشن ۾ آڻڻو آهي، اسان جا چين سان مضبوط لاڳاپا آهن، سي پيڪ سان خطي ۾ ترقي جون نيون راهون کلنديون، اقتصادي ۽ سفارتي سطح تي اسان وٽ صلاحيت موجود آهي، هن چيو ته پاڪستان ماضي ۾ آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان هاڻي به عالمي طاقتن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، بلاول ڀٽو ز??داري چيو ته اسان جي ماڻهن ۾ ايتري صلاحيت آهي ته هو دنيا ۾ ڪٿي به ڪم ڪري سگهن ٿا، اسان جي پنهنجي نوجوانن لاءِ ترقي جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ??رورت آهي، هن چيو ته پرڏيهي پاليسي جو سڌو سنئون اثر هر پاڪستاني جي ??ندگي تي پوندو آهي، اسان کي سوچڻ جي ??رورت آهي ته اسان هن وقت ڪٿي بيٺل آهيون، نوجوانن کي مثبت سر??رمين ۾ مصروف رکڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ز??داري چيو ته انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز جي يوم تاسيس جي ??قريب ۾ شرڪت سندس لاءِ اعزاز آهي، ڇو ته ان اداري جو بنياد سندس ناني اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو رکيو هو، هن چيو ته پرڏيهي وزارت انسٽيٽيوٽ سان ويجهو تعاون جاري رکندي جنهن جو مقصد ملڪ جي پرڏيهي پاليسي کي بهتر بڻائڻ آهي، هن چيو ته اسان کي پاڪستان جي ??وام کي دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلين کان آگاهه رکڻ ۽ پنهنجي موقف کي اجاگر ڪرڻ جي ??رورت آهي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ز??داري ڀارت سان تڪرارن جو ذڪ?? ڪندي چيو ته ڀارتي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي پنهنجي هڪطرفي قدمن جي ??ريعي ڪشمير جي ??المي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري حيثيت کي تبدي?? ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته ڀارت پنهنجي ??ير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ تبدي?? ڪرڻ جا قدم کڻي رهيو آهي جڏهن ته مئي ۾ حد بندي ڪميشن جا قدم ان جي هڪ ڪڙي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت جي موجوده حڪومت هندوتوا ايجنڊا تي سر??رم آهي، اسلامو فوبيا ۽ بي جي پي اڳواڻن جي ??ازي ريمارڪس سان سنگين ماحول پيدا ٿي رهيو آهي ۽ ڀارت ۾ هندوتوا جي نظريي کي بالادست بڻايو پيو وڃي، هن چيو ته پاڪستان جي موجوده حڪومت کي مسئلا گذريل حڪومت کان ورثي ۾ مليا آهن جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت ڀرپور قدم کڻي رهي آهي.