اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) افغانستان جي زلزلي سٽيلن جي لاءِ امدادي سامان سان ڀريل ٽرڪ اڄ رات خوست رواني ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??را?? جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي هدا??ت تي موڪليو ويندڙ امدادي سامان خوست ۾ افغان عملدارن جي حوالي ڪيو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف جي هدا??ت تي افغانستان جي زلزلي سٽيلن جي لاءِ امدادي سامان اربع ۽ خميس جي وچ واري رات روانو ڪيو پيو وڃي. افغانستان موڪليو ويندڙ سامان ۾ تنبو، ٿُلهيُون چاڌرُون، ڪمبل ۽ دوائون شامل آهن. امدادي سامان سان ڀريل ٽرڪن ج?? قافلو غلام خان ڪالي زنگ رستي کان خوست پهچندو، جتي اهو امدادي سامان افغان عملدارن جي حوالي ڪيو ويندو. پرڏيهي وزات، اين ڊي ايم اي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن امدادي سامان جي روان??ي ۽ افغان عملدارن کي حوالگي جي عمل ۾ حصيدار عمل ڪري رهيا آهن. وزيراعظم شهباز شريف افغانستان ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصانن تي پاڪستان پ??را?? انساني همدردي جي جذبي تحت امدادي ساامان موڪلڻ جي هدا??ت ڪئي هئي.