اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) قومي سلامتي سان لاڳاپيل اهم اجلاس ۾ مل?? کي داخلي ۽ پرڏيهي سطح تي لاحق خطرن ۽ ان جي تدارڪ جي لاءِ کنيل قدمن ۽ پاڪ افغان سرحد تي انتظامي معاملن باب?? آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ قومي سلامتي سان لاڳاپيل اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ قومي، پارلياماني ۽ سياسي قيادت، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرن ۽ عسڪري قيادت شرڪت ڪئي. قومي سلامتي جي ذم??وا?? ادارن پاران مل??ي سلامتي جي مجموعي صورت??ال تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي مل?? جي داخلي ۽ پرڏيهي سطح تي لاحق خطرن ۽ ان جي تدارڪ جي لاءِ قومي سلامتي جي ذم??وا?? ادارن پاران کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي پاڪستان افغانستان سرحد تي انتظامي معاملن باب?? آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ انتهائي ذم??وا??اڻو ۽ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار جاري رکندو. ان اميد جو اظهار ڪيو ويو ته افغانستان جي سرزمين کي پاڪستان جي خلاف استعمال نه ٿيڻ ڏنو ويندو، اجلاس ۾ قرار ڏنو ويو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪوششن ۽ قربانين کي دنيا تسليم ڪيو، پاڪستاني قوم ۽ پاڪستاني فوج جي بي مثال قربانين جي ڪري سڄي مل?? ۾ رياستي عملداري، امن جي بحالي ۽ معمول جي زندگي جي واپسي کي يقيني بڻايو ويو آهي. اڄ پاڪستان جي ڪنهن حصي ۾ به منظم دهشتگردي جو ڪو به ڍانچو باقي ناهي رهيو، اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٽي ٽي پي سان ٿيندڙ ڳالهين جي باري ۾ به تفصيل سان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ان سموري پسمنظر کان باخبر ڪيو ويو جنهن ۾ ڳالهين جو اهو سلسلو شروع ٿيو ۽ ان دوران ٿيندڙ دورن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته افغانستان جي حڪومت جي سهولتڪاري سان ٽي ٽي پي سان ڳالهين جو عمل جاري آهي جنهن ۾ حڪومتي قيادت ۾ سول ۽ فوجي نمائندن تي مشت??ل ڪميٽي نمائندگي ڪندي آئين پاڪستان جي دائري ۾ ڳالهيون ڪري رهي آهي جنهن تي حتمي فيصلو آئين پاڪستان جي روشني ۾ پارليامينٽ جي منظوري، مستقبل لاءِ فراهم ڪيل رهنمائي ۽ اتفاق راءِ سان ڪيو ويندو، سياسي قيادت معاملن کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي ۽ ان ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.