اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ بلوچستان ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ فوجي آفيسرن ۽ جوانن جي ش??ادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آرمي چيف سان ڪور ڪمانڊر 12 ڪور ليفٽيننٽ جنرل س??فراز علي، ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان ڪوسٽ گارڊ ميجر جنرل امجد حنيف، 12 ڪور جي برگيڊيئر محمد خالد، پائليٽ ميجر سعيد احمد ۽ مددگار پائليٽ ميجر محمد طلحيٰ منان ۽ نائيڪ مدثر فياض جي ش??ادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي انهن جي بلن?? درجن جي دعا ڪئي ۽ انهن جي گهروارن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ شهيدن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته قوم جا فرض شناس فرزند بلوچستان ۾ ٻوڏ سبب امدادي ڪمن ۾ مشغول هئا ۽ انهن پنهنجي خدمتن جي ادائيگي ۽ قوم جي خدمتن لاءِ انتهائي دل ۽ جان، محنت ۽ لڳا??ُ سان ڪم ڪندي ش??ادت ماڻي. هن چيو ته بي لوث خدمت جي جذبي سان سرشار اهي سپوت قوم جا محسن آهن. هن آرمي چيف پنهنجي ڳالهه ٻولهه دوران گوادر جي اڳوڻي دوري دوران ڪور ڪمانڊر جنرل س??فراز علي سان ملاقات ۽ ان پاران ڏنل بريفنگ جو پڻ ذڪر ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ان بريفنگ دوران مون کيس انتهائي قابل، ذهين ۽ فرض شناس آفيسر طور ڏٺو. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه صدر کي ٻڌايو ته امدادي سرگرمين دوران خراب موسم جي ڪري حد نگاهه گهٽ ٿي، جنهن جي ڪري هيليڪاپٽر حادثو پيش آيو. آرمي چيف وڌيڪ چيو ته هيليڪاپٽر جو ملبو حاصل ڪيو ويو آهي ۽ سڀئي فوجي آفيسر شهادت ماڻي چڪا آهن. صدر ٽيليفون تي پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ ان خواهش جو اظهار ڪيو ته هو انهن شهيدن جي جنازي ۾ پاڻ شرڪت ڪندو ۽ خاص طور تي انهن جي گهروارن ۽ پونئيرن سان به تعزيت جو اظهار ڪيو.