اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڀائر ملڪ گڏيل عرب امارات مان ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 50 ملين ڊالر جو امدادي سامان ??چڻ شروع ٿي ويو آهي. گذريل رات صدر محمد بن زيد النهان س??ن ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ هن يقين ڏياريو ته هو ٻوڏ متاثرين جي ??مداد جاري رکندو. پنهنجي ٽوئ??ٽ ۾ وزيراعظم چيو ته يو اي اي جي ??در جي ??عوت تي منهنجو 3 سيپٽمبر تي گڏيل عرب امارات جو دورو طئي هو پر اسان ??ڄو ڌيان متاثرين جي ??يليف ۽ بحالي تي ڏيڻ جي لاءِ ان ??وري کي ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. وزيراعظم چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڻ سان گڏ بيهندڙ ڀائرن ۽ ڀينرن جا سدائين قرضي رهنداسين.