نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان ??يويارڪ ۾ ڪلائميٽ اينڊ ڊيولپمينٽ وزارتي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي برطانيا ۽ روانڊا پاران ??نعقد اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ??احولياتي بحران آڏو فرنٽ لائين ۾ بيٺل آهي، دنيا کي بحث مباحثي مان ??ڪري فيصلا ڪرڻا پوندا. هن چيو ته پاڪستان گرين هائوس گيسز جي مجموعي اخرا?? ۾ ??ڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصيدار آهي، ان جي باوجود اسان جنهن سطح جو نقصان برداشت ڪري رهيا آهيون ان جو ڪير ڪاٿو نه ٿو لڳائي سگهي. شيري رحمان چيو ته پاڪستان ۾ رڪارڊ برساتن کانپوءِ تاريخي ٻوڏ غيرمعمولي تباهي مچائي آهي، برساتن ۽ ٻوڏ جي مختلف واقعن ۾ 1500 کان ??ڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 12860 زخمي ٿيا آهن. هن چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ جي ڪري 3 ڪروڙ 30 لک کان ??ڌيڪ ماڻهو متاثر جڏهن ته 20 لک کان ??ڌيڪ گهرن کي نقصان ??يو آهي، هڪ وقت ۾ ٽيڻ تي پاڪستان ??اڻي ٻوڏ هيٺ آهي. شيري رحمان چيو ته ٻوڏ واري پاڻي جي نڪرڻ ۾ ڪيترائي مهينا لڳي ويندا، ٻوڏ جي پاڻي سان ??يدا ٿيندڙ بيمارين جي ڪري ملڪ ۾ صحت جو نئون بحران ??يدا ٿي ويو آهي، رڳو سنڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ قائم هيلٿ ڪئمپسز ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 78000 مريض آيا آهن. هن چيو ته ڪيترائي شهر ۽ ڳوٺ اڃا به ڪيترائي فوٽ ٻوڏ واري پاڻي ۾ ٻڏل آهن، خوفناڪ ٻوڏ سان ??يندڙ معاشي نقصان جو ڪاٿو 30 ملين ڊالر کان ??ڌيڪ لڳايو پيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته اسان ??احولياتي تبديلين جو سبب نه ٿا بڻجون پر پوءِ به اسان ??درتي آفتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، اسان جون ڍنڍون وِگهري رهيون آهن، اسان کي شديد گرمي جي لهر، سوڪهڙي ۽ ٻوڏ جه??ين آفتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته ترقي يافته ملڪن کي پنهنجي ڪاربان ??وٽ پرنٽ کي تسليم ڪرڻ ۽ اخراج کي محدود ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻا پوندا، ماحولياتي تبديلي جا اثر رڳو پاڪستان تائين محدود نه رهندا ڇو ته ماحولياتي تبديلي جي اثرن ۽ تباهين جي ڪا سرحد نه آهي.