صحبت پور – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ٻوڏ کان متاثر علائقي صحبتپور ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ قائم ريليف ڪئمپ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وز??راعظم شهباز شريف ٽينٽ اسڪول ۾ ٻارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن کي ٻڌايو ته هن علائقي ۾ ماڊل اسڪول ج?? قيام ٻن مهينن ۾ عمل ۾ آندو ويندو. وز??راعظم ٻارن کي چيو ته هو ٻن مهينن کانپوءِ اختر مينگل ۽ وڏي وز??ر عبدالقدوس بزنجو سان گڏ نئين اسڪول ۾ ايندو ۽ ٻارن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. وز??راعظم ان موقعي تي ٻارن سان خصوصي شفقت ۽ والهاڻي محبت جو اظهار پڻ ڪيو. وز??راعظم ريليف ڪئمپ ۾ سهولتن جو پڻ جائزو ورتو. وز??راعظم ان موقعي تي ٻوڏ متاثرين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن جا مسئلا پڻ معلوم ڪيا. ان موقعي تي وز??راعظم کي بلوچستان جي چيف سيڪريٽري صحبت پور ۾ فلڊ ريليف آپريشن جي حوالي سان آگاهه ڪيو.