اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سينيئر صحافي ۽ اينڪر پرسن ارشد شريف جي ڪينيا ۾ افسوسناڪ موت تي ارشد شريف جي ماءُ ۽ پاڪستان ۾ ڪين??ا جي سفير کي ٽيليفون ڪئي، ارشد شريف جي ماءُ سان تعزيت جو اظهار ڪندي هن چيو ته پاڪستان حڪومت ارشد شريف جي موت جي حوالي سان ڪين??ا جي حڪومت ۽ لاڳاپ??ل عملدار?? سان رابطي ۾ آهي. هن ارشد شريف جي ماءُ کي سندس پٽ جي موت تي هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ ملندڙ معلومات کان آگاهه ڪيو۔ هن چيو ته ارشد شريف جي موت تي تمام گهڻو ڏک آهي. گهروارن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهيان. ارشد شريف جي موت جي سببن جي خبر جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ڪين??ا جي حڪومت سرڪاري طور تي ارشد شريف جي موت بابت هيستائين ڪجهه ناهي ٻڌايو، جيئن ئي ڪين??ا جي حڪومت اسان کي آگاهه ڪندي، اسان تفصيلن کان ارشد شريف ج?? گهروارن ۽ عوام کي آگاهه ڪنداسين. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ڪين??ا جي حڪومت ۽ لاڳاپ??ل عملدار?? سان رابطي ۾ آهي. هن چيو ته پاڪستاني ميڊيا تي ارشد شريف بابت جاري قياس آرائيون افسوسناڪ آهن. ڪينيا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر پوليس وار?? سان رابطي ۾ آهي، ان کانسواءِ پاڪستان ۾ ڪين??ا جي سفير سان به رابطو ٿيو آهي، جنهن مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي آهي. پاڪستان ۾ ڪين??ا جو سفير پنهنجي حڪومت کان معلومات وٺي اسان کي آگاهه ڪندو. گهرو وزارت ڪين??ا جي سيڪيورٽي ايجنسي?? سان رابطي ۾ آهي. حقيقتون عوام آڏو آڻينداسين. هن چيو ته تصديق ٿيل حقيقتو?? سامهون اچڻ تائين قياس آرائين کان پاسو ڪيو وڃي. ارشد شريف جي موت جي حوالي سان سمورين حقيقتن تائين پهچنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ گهروارن کي صبر ۽ جم??ل عطا فرمائي.