بيجنگ – 02 – نومبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف جي دعوت تي ناليواري چيني ڪمپنين پاڪستان ۾ گڏيل منصوبن خاص طور تي شمسي توانائي ۽ انفراسٽرڪچر جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪندي ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي سميت ٻين وڏن منصوبن ۾ سيڙپڪاري جو يقين ڏياريو آهي. وزي??اع??م محمد شهباز شريف سان چين جي پهرين درجي جي ڪمپنين جي نمائندن ملاقاتڪ ئي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چيني ڪمپنين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ گڏيل منصوبن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزي??اع??م چيني ڪمپينن کي 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي جي منصوبي تي گڏجي ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي. وزي??اع??م گوادر هوائي اڏي تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ ۽ ان کي هلندڙ سال جي آخر تائين مڪمل ڪرڻ تي زور ڏنو. لاڳاپيل چيني ڪمپني ايندڙ سال جي شروع ۾ گوادر هوائي جي تعمير کي مڪمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي. وزي??اع??م چيني سيڙپڪارن ۽ ڪمپنين جي نمائندن کي خطاب ڪندي چيو ته هو ان ڳالهه کان آگاهه آهي ته ماضي ۾ ڪيترائي مس??لا پيدا ٿيا جنهن تي هو معذرت خواهه آهي. هن ٻڌايو ته 11 اپريل 2022ع تي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ سندس حڪومت چيني ڪمپينن کي درپيش مس??لا حل ڪيا. چيني ڪمپينن کي واجب الادا 160 ارب رپين جي ادائيگي ڪئي وئي آهي. 50 ارب رپيا گذريل ڏينهن ادا ڪيا ويا آهن ۽ 50 ارب رپين مان ريوالونگ فنڊ ڏنو ويو آهي. وزي??اع??م ٻڌايو ته ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي هدايت تي اسٽيٽ بئنڪ ريوالونگ اڪائونٽ ٺاهي ڇڏيو آهي. ادائيگين سان گڏ ئي وڌيڪ 50 ارب رپيا ان ۾ شامل ٿي ويندا. هن چين مان درآمد ڪيل ڪوئلي جي ادائيگين ۾ ماضي ۾ پيش ايندڙ مس??لن تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزي??اع??م يقين ڏياريو ته ديامر ڀاشا ڊيم منصوبي ۾ زمين هاصل ڪرڻ جي مس??لن کي حل ڪيو ويندو ۽ ان منصوبي جي راهه ۾ ڪا رڪاوٽ اچڻ نه ڏينداسين. وزي??اع??م چيني شهرين کي نشانو بڻائڻ جي واقعن تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ٻڌايو ته انهن واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ انهن کي مثال?? سزا ملندي. وزي??اع??م شهباز شريف يقين ڏياريو ته حڪومت چيني سيڙپڪارن جي تحفظ جي لاءِ بهترين قدم کڻندي ۽ سي پيڪ ۽ سي پيڪ کانسواءِ ٻين منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني رهواسين جي حفاظت کي يقيني بڻايو ويندو ۽ سي پيڪ ۽ سي پيڪ کانسواءِ سمورن منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني رهواسين جي سيڪيورٽي جو هڪ معيار مقرر ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان کي چيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي سلامتي پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن وانگر عزيز آهي. وزي??اع??م مهمند ڊيم بابت پيش ايندر ڪجهه مس??لا حل ڪرڻ جي پڻ خاطري ڪرائي. هن چيو ته 2 ڪروڙ جي آبادي واري شهر ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي تمام وڏو مس??لو آهي. وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت سان گڏجي ان منصوبي کي اڳتي وڌائيندي. هن چيني ڪمپنين کي آگاهه ڪيو ته حڪومتي شمسي توانائي سان 10 هزار ميگاواٽ پيدا ڪرڻ و جامع منصوبو ٺاهيو آهي. وزي??اع??م هوا مام بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبن ۾ پڻ چيني ڪمپنين کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. هن چيو ته ??ار?? جي لاڳت گهٽ ڪري تيل ۽ گئس تي خرچ ٿيندڙ وڏي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي بچت ڪري سگهبي. وزي??اع??م پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جي فروغ لاءِ چيني ڪمپنين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ جيل اءِ دلچسپي تي چيني ڪمپنين جا ٿورا مڃيا. وزي??اع??م چيو ته هو 6 مهينن ۾ ٽي ڀيرا گوادر بندرگا??ه جو دورو ڪري چڪو آهي. هن ايم ايل ون ۽ ٻين منصوبن ۾ دلچسپي ۽ پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ فراخدلاڻي امداد تي پڻ چيني حڪومت ۽ ڪمپنين جا ٿورا مڃيا.