اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر/ هيومنٽيرين ڪوآرڊينيٽر جوليئن هارنيئس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جوليئن هارنيئس کي موسمياتي تبديلي جي ڪر?? ملڪ ۾ آيل تاريخ جي بدترين ٻوڏ ۽ ان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ماڻهن جي زندگين تي پوندڙ مستقل اثرن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم حڪومت جي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪاررواين ۽ ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ قدمن تي پڻ روشني وڌي. وزيراعظم جوليئن هارنيئس کي ٻڌايو ته پاڪ??تا?? جيڪو اڳ ۾ ئي معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ٻوڏ جي ڪر?? 40 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي نقصان کي منهن ڏئي رهيو آهي. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جا پڻ ٿورا مڃيا جيڪو نه رڳو ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري تي پاڪ??تا?? آيو پر مصيبت ۾ گهيريل پاڪ??تا??ين جي سڄي دنيا ۾ آواز بڻجي ويو. جوليئن هارنيئس پاڪ??تا??ي ٻوڏ متاثرين سان همدردي جو اظهار ڪندي انهن جي بحالي لاءِ گڏيل قومن پاران مڪمل حمايت کي ورجايو ۽ حڪومت جي متاثرين جي لاءِ وقت سر ريسڪيو، امداد ۽ بحالي جي قدمن کي مثالي قرار ڏنو.