اسلام آباد – 21 – ??سمبر (اي پي پي) پاڪستان افغان عم??دارن تي زور ڏنو آهي ته اهي افغانستان ۾ شاگردياڻين جي لاءِ يونيورسٽي ۽ اعليٰ تعليم جي معطلي جي فيصلي تي نظرثاني ڪن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي افغانستان جي شاگردياڻين جي لاءِ يونيورسٽي ۽ اعليٰ تعليم جي معطلي بابت ڄاڻي مايوسي ٿي آهي. ترجمان چيو ته ان معاملي تي پاڪستان جو موقف واضح آهي ۽ اسان جو پڪو يقين آهي ته هر مرد ۽ عورت کي اسلام جي حڪمن موجب تعليم حاصل ڪرڻ جو فطري ??ق حاصل آهي. بيان ۾ افغان عم??دارن تي زور ڏنو ??يو آهي ته اهي ان فيصلي تي نظرثاني ڪن.