اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگرد ۽ شرپسند عنصر ڪنهن به قيمت تي پاڪستاني عوام جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن، هم ملڪ جي حفاظت جي لاءِ ڪنهن قرباني کان نه ڪيٻائينداسين، تازي دهشتگردي جي لهر جي تدارڪ جي لاءِ ??مورا وفاقي ۽ صوبائي ادارا پنهنجي وچ ۾ تعاون وڌائين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال تي جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ?? وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سربراهن ۽ سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ ??يز شرڪت ڪئي. اجلاس ?? وفاقي گهرو وزير ۽ گهرو سيڪريٽري ملڪ جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني، چئني صوبن جي آءِ ??يز ۽ چيف سيڪريرين وزيراعظم کي تازي دهشتگردي جي واقعن تي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ امن امان جي لاءِ قدمن کان آگاهه ڪيو. اجلاس ?? وفاقي گهرو وزير ۽ آءِ ??ي اسلام آباد وزيراعظم کي اسلام آباد پوليس جي پگهارن ۾ اضافي ۽ ايف سي جي راشن الائونس کي وڌائي باقي سمورين فورسز جي برابر ڪرڻ تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ان سان اسلام آباد پوليس جو مورال بلند ٿيو آهي. وزيراعظم نيشنل ڪوآرڊينيٽر نيڪٽا کي هدايت ڪئي ته دهشتگردي جي مڪمل روڪٿام لاءِ ??وبائي سي ٽي ڊيز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان رابطن کي وڌيڪ فعال بڻائي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته گهرو وزير، گهرو سيڪريٽري ۽ نيشنل ڪوآرڊينيٽر نيڪٽا صوبن ۾ وڃي ان حوالي سان تفصيلي مشاورت ڪن ۽ ٺوس حڪمت عملي جوڙي پيش ڪن. وزيراعظم چيو ته صوبائي ايپڪس ڪميٽيون پنهنجا ا??لاس باقاعدگي سان منعقد ڪن ۽ ادارن جي وچ ۾ تعاون سان دهشتگردي جي ناسور کي پاڙ کان پٽي اڇلائين.