اسلام آباد -04 فيبروري (اي ??ي پي) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چ??و آهي ته يوم يڪجه??ي ڪشمير جو ڏهاڙو اڄ پوري قومي عزم ۽ جذ??ي سان ملهائينداسين ۽ وزيراعظم شهباز شريف اڄ آزاد ڄمون ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندو. پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چ??و ته وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام طرفان آزاد ۽ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ رهندڙ بهادر، غيور ۽ آزادي جي متوالي عوام سان ايڪتا جو اظهار ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ڄمون ڪشمير تڪرار تي رياست پاڪستان جي موقف ۽ ڪشميرين جي حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪندو. سڌ سماءُ واري وزير چيو ته شهباز شريف جي هدايت تي يوم يڪجه??ي ڪشمير سڄي ملڪ ۾ ڀرپور جذ??ي ۽ ولولي سان ملهايو پيو وڃي، مريم اورنگزيب چ??و ته يوم يڪجه??ي ڪشمير جي سلسلي ۾ مختلف تقريبون منعقد ٿينديون. تعليمي ادارن ۾ يوم يڪجه??ي ڪشمير جي سلسلي ۾ سرگرميون به ترتيب ڏنيون ويون آهن ۽ اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا تي خصوصي پروگرام نشر ڪيا ويندا.