اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) ڪم ڪار واري جڳهه تي هراسمينٽ جي خاتمي بابت و??اقي محتسب فوزيه وقار پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کانئس حلف ورتو. حلف ??رداري جي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر گذريل ڏينهن وفاقي محتسبين اداراجاتي سڌارا ايڪٽ 2013ع جي سيڪشن 3 ۽ 21 تحت فوزيه وقار جي ڪم ڪار واري جڳهه تي هراسمينٽ جي خاتمي بابت و??اقي محتسب جي عهدي تي مقرري جي منظوري ڏني هئي. اها مقرري ڪشمالا طارق جي بطور ڪم ڪار واري جڳهه تي هراسمينٽ جي خاتمي بابت و??اقي محتسب جو مدو مڪمل ٿيڻ تي عمل ۾ آندي وئي آهي.