اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خدمتن جي فراهمي کي بهتر بنائڻ ۽ گهربل مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ بيوروڪريسي ۾ تيز رفتار فيصلاسازي جي جذبي کي اڀارڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته بيوروڪريسي پاران سست فيصلاسازي جي نتيجي ۾ ناقص گورننس سان گڏوگڏ ملڪ جي ترقي جي راهه ۾ پڻ رڪاوٽ پيدا ٿئي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اي??ان صدر ۾ نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي (اين ايس پي پي) جي بورڊ آف گورنرز جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ فنانس ڊو??زن جي اسپيشل سيڪريٽري اويس منظور، اسٽيبلشمينٽ ڊو??زن جي اسپيشل سيڪريٽري عصمت طاهره، ريڪٽر اين ايس پي پي ڊاڪٽر اعجاز منير ۽ اين ايس پي پي جي بورڊ آف گورنرز جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي سيڪريٽري نديم محبوب شرڪت ڪئي. بورڊ آف گورنرز جي ميمبرن جاويد صادق ملڪ، منير ڪمال، زيد بن مقصود، محمد حنيف چن?? ۽ ??اڪٽر حفيظ احمد جمالي وڊيو ل??ڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر سٺي حڪمراني ۽ موثر خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سرڪاري ملازمن کي جديد علم ۽ ٽيڪنڪ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن اين ايس پي پي ۾ تربيت حاصل ڪندڙ سرڪاري ملازمن ۾ تيز فيصلاسازي جو جذبو پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ فيصلاسازي جي عمل کي بهتر بڻائڻ ۽ سرڪاري ملازمن جي ڪارڪردگي کي وڌائڻ جي لاءِ بهترين عالمي تربيتي طريقن کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. بورڊ آف گورنرز اين ايس پي پي کي نوج??ان پروفيشنلز کي بطور انٽرنيز ڀرتي ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جي تجويز جي منظوري ڏني. صدر مشورو ڏنو ته نوج??ان پروفيشنلز جي صلاحيت کي وڌائڻ جي لاءِ موزون ۽ موثر انٽرنيز جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن. اجلاس ۾ ملڪ جي سمورن نيشنل انسٽيٽيوٽس آف مئنيجمينٽ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽرز کي بي پي ايس – 11 مان بي پي ايس – 16 ۾ اپ گريڊ ڪرڻ ۽ ڪمپيوٽر آپريٽرز جي عهدي جو نالو آءِ ٽي آفيسرز ۾ تبديل ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي. بورڊ 14 فيبروري 2023ع جي فنانس ڊو??زن جي آفيس ميمورنڊم موجب بي پي ايس – 1 کان بي پي ايس – 16 ۾ ملازمن جي لاءِ خصوصي رعايت ڏيڻ جي تجويز جي پڻ منظوري ڏني.