اسلام آباد – 11– اپريل (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غي??قانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي گادي ??ار?? شهر سرينگر ۾ 22 کان 24 مئي تي جي 20 ٽوئرازم ورڪنگ گروپ جو اجلاس منعقد ڪرڻ جي ڀارت جي ف??صلي تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته نوجوانن جي معاملن تي هڪ مشاورتي ف??رم (وائي 20) جي ڀارت جي غي??قانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٻن ٻين اجلاسن جو ليهه ۽ سرينگر ۾ شيڊيول پڻ ايترو ئي پريشان ڪندڙ آهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڀارت جو غي??ذميواراڻو قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي اصولن جي کليل خلاف ورزي آهي ۽ اها ڀارت پاران ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي غي??قانوني قبضي کي برقرار رکڻ جي تازي قدمن جي ڪڙي آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان انهن قدمن جي شديد مذمت ڪري ٿو، اهڙي طرح جا قدم ڄمون ۽ ڪشمير جي حقيقت کي لڪائي نه ٿا سگهن جيڪو هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان موجود آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته نه ئي اهڙي طرح جون سرگرميون والاريل ع??ائ??ي جي آبادياتي ساخت کي تبديل ڪرڻ جي غي??قانوني ڪوششن سميت ڀارت جي غي??قانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن تي ڀارت جي وحشيا??ي ڏاڍ سان عالمي برادري جو ڌيان هٽائي سگهن ٿيون. بيان موجب ڀارت جي غي??قانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جي 20 ايونٽس جي ميزباني ڪرڻ جي پنهنجي ف??صلي سان ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ اهم عالمي گروپ جي پنهنجي ميمبرشپ جو فائدو کڻي رهيو آهي ته جيئن پنهنجي ايجنڊا کي اڳتي وڌائي سگهجي. بيان موجب هڪ اهڙي ملڪ جي لاءِ جنهن جو پنهنجي بابت ۽ دنيا ۾ پنهنجي مقام بابت شاندار نظريو آهي، ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو آهي ته هو عالمي برادري جي ذميوار ميمبر طور ڪم ڪرڻ کان قاصر آهي.