اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلا??ل ڀٽو زرداري جي دعوت تي چين جو پرڏيهي وزير ڪن گينگ 5 ۽ 6 مئي تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو، پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ان جو پاڪستان جو هي پهريون سرڪاري دورو هوندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلا??ل ڀٽو زرداري ۽ سندس چيني هم منصب ڪن گينگ پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي چوٿين دور جي گڏيل صدارت ڪندا. اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ هڪ منظم طريقيڪار آهي جنهن ۾ اهم شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جو جائزو ورتو وڃي ٿو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڌريون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڪوآپري??و پارٽنرشپ ج?? توثيق سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ گهڻ رخي تعاون جي ل??ءِ روڊ ميپ تيار ڪرڻ ۽ اڀرندڙ علائقائي ۽ عا??مي منظرنامي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جو ٽيون دور جول??ءِ 2021ع ۾ چين جي شهر چينگڊو ۾ ٿيو هو.