اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان ?? يورپي يونين جي ??في?? رينا ڪيونڪا پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئ??. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي. ملاقات ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. پرڏيهي وزير ۽ يورپي يونين جي ??في?? ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ وڌندڙ ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻطرفن ۽ گهڻ رخي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جو ورج??ءُ ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جي ايس پي پلس سميت اقتصادي شعبي ۾ تعاون پاڪستان ۽ يورپي يونين ٻنهي جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو رهندو.