اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي ٻن ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو، خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي پڻ صد?? سان گڏ آهي، ايئرپورٽ تي بلوچستان جي گورنر ملڪ عبدالولي ڪاڪڙ اعليٰ صوبائي عملدارن سان گڏ صد?? جو استقبال ڪيو. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صد?? کي گورنر هائوس ڪوئيٽا اچڻ تي بلوچستان ڪانسٽيبلري جي دستي گارڊ آف آر??ر پيش ڪيو. بعد ۾ صد?? بلوچستان جي گورنر سان ملاقات پڻ ڪئي، ملاقات ۾ صوبي جي مجموعي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صد?? ٻن ڏينهن جي دوري دوران 34 هين نيشنل گيمز جي پڄاڻي واري تقريب ۾ شرڪت ڪندو. صد?? گڊ گورننس جي فروغ ۾ محتسبن جي ڪردار تي سيمينار کي پڻ خطاب ڪندو.